ٺپي ڍوري

ٺپي ڍوري: تعلقي قنبر جي ديهه ڪوهستان ڪڪر لڪ جي ڀرسان ڏکڻ ۾ وهي ٿي. هتي ڪهوءَ جا وڻ گھڻا ٿين ٿا. ڪنهن زماني ۾ ڍوريءَ جي ڀرسان ڪهوءَ جي هڪ وڻ هيٺان ڪنهن ماڻهوءَ کي زخمي ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڍوريءَ تي ”ٺپي“ نالو پيو. جابلو ٻوليءَ ۾ ”ٺپي“ زخميءَ کي چون ٿا. هن جي اولهه ۾ ٽاڪرو ۽ ڪجهه پوٺا علائقا آهن، جتي وسڪاري جي موسم ۾ چڱي آبادي ٿئي ٿي. پري کان خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو